پيرزادو  مولوي محمد معاذ

پيرزادو مولوي محمد معاذ

پيرزادو مولوي محمد معاذ

پيرزادو، مولوي محمد معاذ: سنڌ جي محب وطن ۽ خاموش قومي خدمتگار مولوي محمد معاذ جو اصل نالو محمد پناهه ولد حاجي محمد عارف پيرزادو هو. 1896ع ڌاري ڳوٺ قطال شاهه لڳ ڇتن شاهه، تعلقي سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه (بينظير آباد) ۾ ڄائو. سندس والد هارپو ڪندو هو. ستن سالن جي عمر ۾ ڳوٺ جي آخوند واليڏني وٽ قرآن پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو. ڏهن سالن جي عمر ۾ کيس ديني تعليم لاءِ پير جهنڊي جي مدرسي دارالارشاد ۾ موڪليو ويو. جتي مولانا عبيدالله سنڌي پڙهائيندو هو. محمد معاذ ابتدائي سنڌي ۽ فارسي پڙهڻ بعد عربيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. مولوي معاذ جو اصل نالو محمد پناهه هو، جو مولانا سنڌي صاحب سندس والد جي اجازت سان بدلائي محمد معاذ رکيو. پير رشدالله شاهه جهنڊي وارو مٿس مهربان هوندو هو. 1913ع ۾ مولوي معاذ عربيءَ جي درس نظاميءَ جي تعليم اُتي پوري ڪئي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ ان عرصي ۾ دهليءَ جي مسجد فتح پوريءَ ۾ مدرسه نظارت المعارف کولي مولوي ۽ گريجوئيٽ (ٻن قسمن جي) تعليم ڏيندو هو. مولوي محمد معاذ 1914ع ۾ دهليءَ ويو، جتي حڪيم اجمل خان جي مدرسه طيبه ۾ داخلا ورتائين. اتي ٻه مهينا رهڻ بعد ميرٺ ۾ مولوي عبدالمومن وٽ حديث جا ڪتاب پڙهيائين. اتان هو لکنوءَ ويو، جتي تڪميل الطب ڪاليج جهوانئي ٽولا ۾ طبي تعليم ورتائين ۽ عربيءَ ۾ طبي ڪورس 1917ع ۾ پورو ڪري سَند ورتائين. 1917ع ۾ ئي سنڌ واپس اچي نوابشاهه ۾ دواخانو کوليائين. مولوي معاذ بنيادي طرح هڪ انقلابي شخص هو. جڏهن خلافت تحريڪ شروع ٿي ته 1919ع ۾ جميعت العلماء ۾ شامل ٿيو. هندو مسلم اتحاد تي زور ڏنائين. 1924ع ۾ جڏهن خلافت تحريڪ جهڪي ٿي ته هن جا واسطا ڪانگريس سان رهيا. هن سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ وري تحريڪ ۾ به حصو ورتو. سنڌ آزاد ٿيڻ بعد 1937ع جي چونڊن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي آزاد پارٽيءَ جو ساٿ ڏنائين. 1939ع ۾ نوابشاهه شهر ۾ ميونسپالٽيءَ جي چونڊ ٿي، جنهن قومپرست سياستدانن جي مدد سان سخت مقابلي ڪري ميمبر چونڊيو، ان وقت 11 سيٽون هندن ۽ 5 سيٽون مسلمانن لاءِ هيون. ان کان پوءِ به ڪيترو عرصو ميونسپالٽيءَ تي چونڊبو رهيو. جڏهن 1947ع ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ فيصلو ڪري پاڪستان ۽ ڀارت جي نالي سان ملڪ جو ورهاڱو ڪيو ته قومپرست مسلم ڪارڪنن لاءِ سياسي ميدان ۾ ڪم لاءِ ماحول نه رهيو، جنهنڪري هن سياست ۾ حصو وٺڻ ڇڏي ڏنو. اڳتي هلي جڏهن ”متحده محاذ“ ٺهيو ته ان ۾ شريڪ ٿيو. 1951ع ۾ سيفٽي ائڪٽ هيٺ کهڙي جي وزارت ۾ جيل ويو. پوءِ به نيشنل عوامي پارٽي ۽ هاري پارٽيءَ جي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو. هن نوابشاهه ۾ ”معاذ دواخانو“ شروع ڪيو هو، جنهن جي هنــد، سنڌ سان گڏ دنـيا ۾ هاڪ ۽ ڌاڪ آهي. سندس نالي سان سنڌ جو”معاذ ٿاڌل“ مشهور آهي. پيرزادي صاحب جو ڪتاب ”بياض حڪمت“ اڻ ڇپيل موجود آهي. سندس ڪتب خاني ۾ ديني، ادبي ۽ حڪمت بابت ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود آهي. هن قومي مجاهد 1379هه بمطابق 1959ع ڌاري نوابشاهه ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1896.00.00  عيسوي

مولوي محمد معاذ 1896ع ڌاري ڳوٺ قطال شاهه لڳ ڇتن شاهه تعلقي سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه ۾ ڄائو


1959.00.00  عيسوي

مولوي محمد معاذ 1379هه بمطابق 1959ع ڌاري نوابشاهه ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بدر الدين زاهدي
عبدالله ٺٽوي مخدوم
چانڊيو حڪيم محمد عالم
هوش محمد شيدي
سر عبدالرشيد جسٽس
شاهه بابا مرزا ترخان
سلطان محمود خان بکري
رحيم بخش سومرو
حفيظ ڪاردار
ابڙو علامه مستانو سيوهاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون